اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻ??رن جو عالمي ڏھاڙو 20 نومبر تي ملھايو ويندو. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد ٻارن جي عزت، ھمٿائڻ ۽ حقن جي پاسداري کي يقيني بڻائڻ آھي. سڄي دنيا ۾ ٻ??رن تي ٿيندڙ ??شد?? جا مختلف واقعا سامھون اچي رھيا آھن. جنھن سان ٻارن ??ي واڌ ويجهھ تي خراب اثر پئجي رهيا آھن. گڏيل قومن پھريون ڀيرو 20 نومبر 1954ع تي ٻارن جو عالمي ڏينهن ملھائڻ جو اعلان ڪيو ھو ته جيئن ٻار، تعليم ۽ تربيت، معاشرتي ۽ مذھبي تر??يت سان لاڳاپيل جاڳرتا کي اجاگر ڪري سگھن ۽ سڄي دنيا جا ٻار مستقبل ۾ پنھنجو ھاڪاري ڪردار ادا ڪري سگھن. ٻارن جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام ھيٺ منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ ٻ??رن جي صحت، تعليم ۽ تر??يت ۽ حقن جي تحفظ جي حوالي سان عوامي جاڳرتا اجاگر ڪئي ويندي.