لاهور- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ مل?? جي سياسي صورتحال تي تف??يل?? ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شريڪ هئا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله ??ه ملاقات ۾ شامل هئا. ملاقات ۾ مل?? جي سياسي صورتحال تي تف??يل?? ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي مل??ي ??عي??ت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي هر قدم ۾ ساٿ ڏنو آهي. ملاقات لاءِ آيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد مل??ي ??عي??ت جي استحڪام لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.