اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبرشپ سان پاڪس??ان جي معيشت کي عالمي معيشت سان مربوط ڪرڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ جا ??وقعا دستياب ٿيندا، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقي تي هاڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو ميمبر هجڻ ۽ ان جي اجلاسن جي ميزباني ڪرڻ پاڪس??ان جي معيشت تي ڪيترائي مثبت اثر وجهي سگهن ٿا.ايس سي او اهم علائقائي تنظيم آهي جنهن جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت ۽ مرڪزي ايشيائي رياستون شامل آهن، جيڪي عالمي معيشتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايس سي او جي پليٽ فارم تي توانائي جي شعبي م سهڪار کي هٿي وٺائي سگهجي ٿي، ??يئ?? ته گئس ۽ تيل جي معاهدا جن سان پاڪس??ان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هنن چيو ته ايس سي او ذريعي پاڪس??ان کي علائقائي رابطي جي منصوبن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملي ٿو، ??يئ?? ته روڊ، ريلويز ۽ بندرگاهن جي تعمير جهڙا منصوبا واپاري اچ وڃ کي آسان بڻائي سگهن ٿا ۽ علائقائي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.