نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊيرليين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ??ئي. وزيراعظم گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ??ولهه ۽ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي م??بوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ڳالهه ??ولهه ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن، علائقائي ۽ عالمي م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ارسلا وان کي يورپي ڪميشن جي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي م??ارڪباد ڏني ۽ يورپي يونين جي مف??دن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. جي ايس پي پلس اسڪيم تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ۽ يورپي ڪميشن جي صدر جي وچ ۾ اها ملاقات عالمي م??املن تي گڏيل مف??دن ۽ تعاون تي فعال رابطن ۽ تعاون جي عڪاسي ڪري ٿي.