نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ??يو آهي، وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو، وزيراعظم ۽ ترڪ صدر علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين ??نساني صو??تحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين ??جلاس جي موقعي تي ترڪ صدر سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين ??جلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل طور تي مفيد تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ويجهي مستقبل ۾ ??سل??م آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان – ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين ??جلاس جي تيارين ??و جائزو پڻ ورتو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين ??نساني صو??تحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي معاشي پاليسين کي ساراهيو جن سان پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي. ترڪ صدر وزيراعظم جي قيادت ۽ اقتصادي سڌارن جي عزم کي ساراهيو. وڌيڪ اهو ته صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سالگرهه جي مبارڪباد پڻ ڏني.