اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته اسان سڀني کي عالمي دنيا وچ ۾ امن، رواداري ۽ گڏيل بقا جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي، عالمي قانون ۽ ان??اني حقن جي کليل ڀڃڪڙي عالمي امن ?? سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي. اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل نٿي ڪري ??گه??ي. دنيا ۾ ترجيح تڪرارن بدران ان??انيت کي درپيش مسئلن جو حل هئڻ گهرجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي دنيا وچ ۾ امن جي اصولن سان پنهنجي وابستگي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هلندڙ سال امن جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”امن جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ“ آهي. اسان سڀني کي سڄي دنيا وچ ۾ امن، رواداري ۽ بقا واري گڏيل ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي. اڄ دنيا جي مختلف علائقن ۾ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ سميت ٻيا تڪرار درپيش آهن. صدر مملڪت چيو ته تڪرار عالمي طور تي امن لاءِ خطرو آهن. اسرائيل فلسطين ۾ دهشتگردي جي بازار گرم رکي آهي.اسرائيل هزارين م??ڻهن جي غزه ۾ قتل عام سان فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري ره??و آهي، صدر مملڪت چيو ته هندو پرست کان م??اثر مودي حڪومت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ سنگين ان??اني حقن جي خلاف ورزي ڪري ره?? آهي، مودي حڪومت ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻايو آهي. ڀارت مسلمانن کي انهن جي بنيادي حقن کان م??روم رکيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته عالمي قانون ۽ ان??اني حقن جون کُليل خلاف ورزيون دنيا ۾ امن ?? سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن، اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا کي تڪرارن کي ترجيح ڏيڻ بدران ان??انيت کي درپيش مسئلن کي حل کي ڏيڻ گهرجي. غربت، بک، ناانصافي، ظلم، اڻبرابري ۽ ان??اني حقن جي خلاف ورزين جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. دنيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل نٿي ڪري ??گه??ي. صدر مملڪت چيو ته اچو ته امن، رواداري ۽ ان??اني وقار جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون. اسان سڀ گڏجي هڪ پرامن م??تقبل ۽ بهتر دنيا جوڙي سگهون ٿا ۽ هڪ اهڙي دنيا قائم ڪري سگهون ٿا ته جتي اسان جا ايندڙ نسل امن ?? هم آهنگي سان ره?? سگهن.