اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف نوابشاهه جي ريلوي اسٽيشن ويجهو ريلوي ڦاٽڪ تي پنهنجي سِر جي بازي لڳائي شاليمار ايڪسپريس کي وڏي حادثي کان بچائيندڙ گيٽ ڪيپر مدد عل?? جمالي کي خراج ت??سين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مدد عل?? پنهنج?? زن??گي??َ جي پرواهه نه ڪندي سوين ماڻهن جون زندگيون بچايون، مدد عل?? پنهنجي ذميوارين کي سچي نيت سان نڀايو. هن چيو ته اسان سڀني کي مدد عل?? جمالي جي بي لوث جذبي مان سکڻ جي ضرورت آهي، پوري قوم کي توهان تي فخر آهي.