اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وزارت اقتصادي ۽ ??ال??اتي سڌارن لاءِ ناڻي واري وزير جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت موجب صلاحڪار اقتصادي ۽ ??ال??اتي سڌارن جي عهدي تي مقرريءَ جو خواهشمند اميدوارن کان 9 سيپٽمبر تائين درخواستون طلب ڪيون ويون آهن. اميدوارن کي ??هدي لاءِ نيشنل جاپ ??ورٽل ذريعي آن لائن درخواست ڏيڻي پوندي. ڪامياب اميدوار کي ??سپيشل پروفيشنل پي اسڪيل ون جي برابر پگهار ڏني ويندي. اڪنامڪ اينڊ فنانشل ريفارمز يونٽ ۾ مقرري جي مدت 2 سال مقرر ڪئي وئي آهي. صلاحڪار لاءِ گه?? ۾ گه?? تعليمي قابليت فنانس، اڪنامڪس يا لاڳاپيل فيلڊ ۾ ماسٽر ڊگري مقرر ڪئي وئي آهي. شارٽ لسٽڊ اميدوارن کي ??ئي ٿيل قاعدن موجب انٽرويو لاءِ گُهرايو ويندو. ٻن سالن جي ڪانٽريڪٽ ملازمت ڪندڙ صلاحڪار کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي واڌ ملي سگهي ٿي.