اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، عوام سانوڻي جي وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽا لڳائيندي ڳالهين دوران ڪيو. صدر مملڪت بلاول هائوس ڪراچي ۾ سالياني سانوڻي جي وڻڪاري مهم تحت نم جو ٻوٽو لڳايو، 18 آگسٽ پاڪستان ۾ سانوڻي ۾ وڻ لڳائڻ جي قومي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. صدر مملڪت چ??و ته قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت آهي، عوا?? موسمياتي تبديلي، عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، نوجوان ۽ سول سوسائٽي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۾ مدد ڪن. صدر مملڪت چ??و ته نم ماحول دوست وڻ آهي جنهن جا بيشمار ماحولياتي فائدا آهن، نم صاف هوا، ٿڌي ڇانوَ کان علاوه قدرتي طور مڇرن کي ڀڄائي ٿو. صدر مملڪت چ??و ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي وزارت عظميٰ جي حيثيت سان پهرين حڪومتي دو?? ۾ ??وسميات جي وزير طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پهرين دو?? ۾ ??ڻ لڳائڻ جي مهم جي شروعات ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ نم جا وڻ ل??اي?? ويا. صدر مملڪت چ??و ته اڄ پاڪستان ۾ وڌندڙ گرمي پد کي نظر ۾ رکندي وڻ لڳائڻ جي ضرورت اڃا وڌيڪ وڌي وئي آهي، قوم خاص ڪري نوجوان ۽ سول سوسائٽي سانوڻي جي موسم ۾ وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن. صدر مملڪت چ??و ته بهتر ماحول لاءِ پنهنجي پاڙن ۽ ڀرپاسي ۾ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. صدر مملڪت چ??و ته سانوڻي جي وڻڪاري مهم ٻيلن ۾ واڌ، ملڪ ۾ ساوڪ وڌائڻ، ماح??ل کي صحتمند ۽ صاف بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. ٻيلن ۽ ساوڪ ۾ واڌ اسان جي ماح??ل کي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ صحت مند ۽ محفوظ بڻائيندا. صدر مملڪت چ??و ته پاڪستان مينگرووز جي بحالي جو ڪاميابي قدم کنيو آهي، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ ايراضي تي مينگرو وز ل??اي?? ويا آهن، اسان مينگرووز کي وڌائڻ ۽ وڌيڪ وڻ لڳائڻ لاءِ پرعزم طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. صدر مملڪت چ??و ته معاشري جا سمورا طبقا گرمي پد کي گهٽ ڪرڻ، ساوڪ ۽ ٻيلا وڌائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن.