اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستاني رانديگر عامر خان کي ٿائيلينڊ ۾ ٿيندڙ ستين تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ ۾ سون جو تمغو کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته راندين جي ميدان ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي نکارڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر تائيڪوانڊو جي مقابلي ۾ شاندار ??ارڪردگي تي عامر خان کي ساراهيو. هن چيو ته عامر خان ش??ندار راند جو مظاهرو ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. صدر اميد ظآهر ڪئي ته عامر خان مستقبل ۾ به بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو رهندو. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتو?? رکندڙ آهن، پاڪستان ۾ مختلف راندين تي ڌيان ۽ ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري عامر خان جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو.