اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو پ??هن??ي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت کي گهرجي ته هو سلامتي ??ائ??نسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي پرامن حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. ترجمان چيو ته ايندڙ هفتي سومر ڏينهن ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جي ه?? ڪاري ڏينهن جا 5 سال مڪمل ٿي ويندا، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي حقن کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هطرفي ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج پاران اهي ڪارروايون ۽ ان جي نتيجي ۾ کنيل قدم ڪشميرين کي انهن جي پ??هن??ي سرزمين تي ه?? بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عالمي قانونن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل جي ڪيترين ئي قراردادن جي خلاف و??زي ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪڌي منصوبي تحت آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پ??هن??ي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.