پشاور _ 29 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جهنڊي جي س??بلندي واري مهم ۾ پنهنجي تصوير جاري ڪئي آهي. ان حوالي س??ن هن پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته منهنجو جهنڊو منهنجو فخر آهي. اهو وطن، اهو جهنڊو ۽ ان جي مٽي جو هڪ هڪ ذرو اسان کي پنهنجي جان کان به پيارو آهي. گورنر چيو ته قومي جهنڊي جي س?? بلندي لاءِ هن ملڪ جي شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ڪنهن کان لڪيل ناهن. هن چيو ته هن جهنڊي جي پاڇي هيٺ سموري قوم متحد آهي ۽ ان جي دشمنن ??ي منصوبن کي ناڪام بڻائينداسين.