اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ??دارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ??يگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي ??فيس پاران جاري ب??ان موجب پاڪستان ريلويز جي موجوده مين لائين (ايم ايل ون) جي ??پ گريڊيشن کي ان هدايت سان ٻيهر ترميم ٿيل دائره ڪار تي منظور ڪيو ويو ته منصوبي جو پهريون مرحلو ڪراچي کان ملتان تائين 929 ڪلوميٽر ترجيحي ب??يادن تي مڪمل ڪيو ويندو. ايڪنڪ فلڊ ريسپانس ايمرجنسي هائوسنگ پراجيڪٽ (فيز – 1) جي منصوبي جو جائزو وٺي ان جي منظوري ڏني جنهن کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان قرض ج?? ذريعي فنڊ ڪيو ويندو، ان منصوبي جو مقصد سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر 250000 کان وڌيڪ گهرن جي ڪميونٽي جي قيادت ۾ نئين سر تعمير جي ??ريعي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ آهي. قومي اقتصادي ڪائونسل جي ??يگزيڪيوٽو ڪميٽي پاڻي جي ??عبي جي چئن منصوبن تي پڻ غور ڪيو ۽ انهن جي منظوري ڏني جنهن ۾ پنجاب حڪومت جو ڍوچه ڊيم جي ??عمير (نظرثاني ٿيل) منصوبو شامل آهي. اهو منصوبو 35 ايم جي ڊيز پاڻي جي فراهمي جي ??ريعي راولپنڊي ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. پاڻي جي ??عبي جي منظور ٿيل ٻين منصوبن ۾ گومل زم ملٽي پرپز پراجيڪٽ، منگلا ڊيم پراجيڪٽ ۽ گولين گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ شامل آهن. اجلاس ”انٽيگريٽيڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي ??رقي“ جي پڻ منظوري ڏني، ان منصوبي ۾ طورخم، چمن ۽ واهگه ۾ جديد ترين سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس جي ??عمير ۽ ترقي، لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ، ڪ??ٽينرائزڊ ڪارگو جي ڊيجيٽل اينڊ ٽو اينڊ ٽريڪنگ وغيره شامل آهن. ايڪنڪ ڪراچي نيبرهڊ امپروومنٽ پراجيڪٽ جي منظوري ڏيندي ان تي عملدرآمد جي مدي ۾ 31 ڊسمبر 2024ع تائين 6 مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي، قومي اقتصادي ڪائونسل جي ??يگزيڪيوٽو ڪميٽي پاڪستان افغانستان بارڊر باديني تي بارڊر ٽرمينل جي ??عمير ۽ سيف الله ضلعي ۾ مرغه فقيرزئي کان خان ڊگر مين باديني روڊ تائين 40 ڪلوميٽر ڊگهي رستي جي ??پ گريڊيشن جي پڻ منظوري ڏني.