اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسرائيلي فورسز جي هٿان معصوم فلسطنين جي قتل عام جو سلسلو جاري آهي، اسرائيلي فوج انسانيت جي خلاف ڏو??ن جي مرتڪب ٿي آهي. پريس بريفنگ ۾ ه?? چيو ته پاڪستان اسرائيلي فوج پاران اتر غزه جي بيت لاهيا شهر تي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي شهادت ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان اسرائيل جي قدمن کي غزه جي ماڻهن جي خلاف جنگي ڏو??ه قرار ڏي ٿو. ترجمان شهرين جي وڌيڪ مارجڻ کي روڪڻ جي لاءِ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ??شم??رين جي جمهوري حقن کي مسلسل دٻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارتي عملدارن ڪجهه ڏينهن اڳ ڄمون ۽ ??شم??ر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن تي پابندي هڻندي بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ميان قيوم کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ترجمان چيو ته ان کان اڳ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ??شم??رين کي سرينگر جي تاريخي ??ام?? مسجد ۽ عيدگاهه ۾ عيد نماز جي لاءِ گڏ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي جڏهن ته ناليواري ??شم??ري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي پڻ گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. هن چيو ته اهي جابراڻا قدم ڀارتي عملدارن جي آمراڻي طرز عمل جو هڪ ٻيو مثال آهن ۽ ??ني??دي آزادين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏريون ٿا ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ??شم??ري عوام جي انساني حقن ۽ انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جو احترام ڪن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ??شم??ر تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ??شم??رين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.