اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف معيشت جي بحالي کي پهرين ت??جيح ۽ سعودي عرب سان لاڳاپن کي دنيا جي لاءِ مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان سڌارا اچي رهيا آهن، ڪر??شن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سعودي عرب سان اعليٰ سطحي تازن رابطن سان معيشت ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن العربيه نيوز چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو دنيا ۾ مثال نه آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جا ڏک ۽ خوشي گڏيل آهن. وزير??عظ?? چيو ته منهنجو سعودي عرب جو تازو دورو انتهائي ڪامياب رهيو. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گذريل 8 سالن ۾ مثالي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جيڪي سندس مدبراڻي فهم ۽ مثالي قيادت جي سبب ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته شهزاده محمد بن سلمان جو مملڪت جو ويزن 2030ع دنيا جي لاءِ هڪ مثالي ماڊل آهي. سعودي عرب سان اعليٰ سطح جي تازن رابطن سان معيشت ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به وزير??عظ?? جو سڀ کان پهرين سعودي عرب جو دورو هڪ روايت رهي آهي. سعودي پرڏيهي وزير ۽ اعليٰ سيڙپڪاري وفد جو پاڪستان جو دورو نئون سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان حڪومت جي پهرين ت??جيح معيشت جي بحالي آهي. ڪويت، گڏيل عرب امارات، قطر، ترڪيه ۽ چين سان لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ پرعزم آهيون. دوست ملڪن س??ن ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپار کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. اسان جي حڪومت جي پهرين ت??جيح معيشت جي بحالي آهي. وزير??عظ?? چيو ته ملڪ کي سنگين چئلينجز درپيش آهن، ڪر??شن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ٻاهرئين قرضن مان ڇوٽڪارو ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن.