اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته هڪ سال اڳ اسان جي قومي عزت ۽ وقار جي علامتن ۽ پاڪ وطن جي تقدس ت?? حملو ڪيو ويو، 9 م??ي سانحي ۾ ملوث شرپسندن، سهولتڪارن ۽ اتساهيندڙن جي لاءِ ڪا معافي نه آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس ت?? هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪوڙ جي لباس ۾ حق جي روشني کي نٿو لڪائي سگهجي، اڄ کان هڪ سال اڳ نه رڳو اسان جي قومي عزت ۽ وقار جي علامتن تي حملو ڪيو ويو، اهو حملو پاڪ وطن جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي برابر هو. هن چيو ته 9 م??ي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڪنهن به صورت ۾ قابل برداشٽ نه آهي، ان بابت قطعي طور تي ڪا نرمي نٿي ٿي سگهي، 9 م??ي سانحي ۾ ملوث شرپسندن، سهولتڪارن ۽ اتساهيندڙن جي لاءِ ڪا معافي نه آهي. وزيراعظم چيو ته اچو وچن ڪريون ته 9 م??ي سانحي کي ڪهن به نه ورجائينداسين.