گوادر – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هداي?? ڪئي آهي ته گوادر جي طوفاني برساتن کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، متاثر مواصلاتي ڍانچي جي بحالي ۽ نجي ملڪيتن جي نقصانن جي تفصيلي جائزي تي جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي، تازي طوفاني برساتن جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ??يو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ جي ٻئي ڏينهن ئي وزيراعظم گوادر پهچي ويو. گوادر پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم امدادي ڪئمپ ۾ موجود طوفاني برساتن جي متاثرين ۾ امدادي سامان ورهايو. ان موقعي تي هن متاثر ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته وزارت عظميٰ جو حلف کڻندي ئي هو هتي آيو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته گوادر ۾ طوفاني برساتن جي متاثرين کي هن مشڪل وقت ۾ اڪيلو ڇڏيو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم اڏام دوران ??ين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کان گوادر ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ تازي طوفاني برساتن سان ٿيندڙ نقصانن ۽ جاري امدادي ڪاررو??ين تي بريفنگ ورتي. وزيراعظم کي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ نقصانن ۽ متاثرين جي مدد لاءِ قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيٽلائيٽ جي ذريعي قدرتي آفتن کان وقت کان اڳ آگاهي جي لاءِ نظام جوڙيو وڃي. وزيراعظم هداي?? ڪئي ته متاثر مواصلاتي ڍانچي جي بحالي ۽ نجي ملڪيتن جي نقصانن جي تفصيلي جائزي تي ٻڌل رپورٽ جلد پيش ڪئي وڃي، تازي طوفاني برساتن جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ??يو وڃي، متاثرين جي ريس??يو ۽ انهن جي امداد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي.