اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نئين چونڊيل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي انتظامن جو جائزو وٺ?? جي لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ قومي اسيمب??ي هال جو دورو ڪي??. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي عملدارن نگران وفاقي وزير کي قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. ڊي جي ميڊيا نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ته نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن جي سهولت لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن. انهن اسيمبلي ميمبرن جي رج??ٽر??شن، انهن جي لاءِ ضروري دستاويزن جي تياري ۽ قومي اسيمبلي جي ضروري قاعدن ۽ ضابطن کان پڻ آگاهه ڪي??. انهن ٻڌايو ته نئين چونڊيل ميمبرن جي لاءِ اسيمب??ي هال ۾ سيٽن جو خصوصي انتظام پڻ ڪي?? ويو آهي. نگران وفاقي وزير نئين چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي سهولت لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ قائم فيسلي ٽيشن سينٽر جو پڻ دورو ڪي?? ۽ اتي موجود عملي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير کي فيسلي ٽيشن سينٽر جي معاملن ۽ نئين چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.