اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي 2024ع جي عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چونڊن ۾ عوام جي وڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ اسان جي ??مه??ريت جي مضبوطي جو ثبوت آهي، سڄي پاڪستان مان عوام وڏي انگ ۾ چونڊ عمل ۾ حصو ورتو ۽ ??مه??ريت سان پنهنجي وابستگي، قومي ذميواري ۽ پنهنجي ووٽ جي طاقت تي يقين جو اظهار ڪيو آهي. 2024ع جي عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي نگران حڪومت پاران پاليسي بيان ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ قوم اسان جي ??مه??ري سفر ۾ هڪ ٻي تاريخ لکي آهي، سڄي پاڪستان مان عوام وڏي انگ ۾ چونڊ عمل ۾ حصو ورتو ۽ ??مه??ريت سان پنهنجي وابستگي، پنهنجي قومي ذميواري ۽ ووٽ جي طاقت تي يقين جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته عوام جي وڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه رڳو اسان جي ??مه??ريت جي مضبوطي جو ثبوت آهي پر اهو اسان جي ملڪي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿ??. هن چيو ته چونڊن جو پرامن انعقاد سمورين ڌرين جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، آئون انهن سمورن ماڻهن جي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن ان ??مه??ري مشق ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن عالمي ميڊيا، مبصرن، مقامي ميڊيا ۽ فيلڊ ۾ موجود صحافين جا پڻ خصوصي ٿ??را مڃيندي چيو ته توهان جي موجودگي ۽ ڪوريج عالمي سطح تي اسان جي چونڊ عمل جي سالميت تي روشني وجهندي شفافيت ۽ اعتبار کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿ??. هن هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سول انتظاميا جا پڻ ٿورا مڃيندي چيو ته هن چونڊ عمل دوران محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اڻٿڪ عزم ۽ محنت سان ڪم ڪيو، انهن جي لگن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته پولنگ جو عمل خيرخُوبي سان ۽ ڪنهن وڏي افسوسناڪ واقعي کانسواءِ سرانجام ڏنو ويو جنهن سان هر شهري کي امن ۽ سلامتي سان پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي مثالي طرز عمل ۽ چونڊ عمل جي انتظام تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ??مه??ري قدرن کي برقرار رکڻ ۽ آزاداڻي، منصفاڻي چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اڻٿڪ ڪوشش ۽ لڳاءُ ساراهه جوڳو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران پيشيواراڻي مهارت ۽ ديانتداري اسان جي چونڊ عمل ۾ عوام جي اعتماد کي سگهه ڏيڻ ۾ اهميت رکندڙ رهي آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته هڪ اهم سنگ ميل حاصل ڪرڻ جي هن لمحي ۾ ??چو انهن ماڻهن جي لاءِ دعا جي لاءِ هٿ کڻون جيڪي اڄ دهشتگردي جي واقعن جو شڪار ٿيا، الله تعاليٰ مرحومن جي روحن کي ابدي سڪون عطا فرمائي ۽ قوم متحد ٿي انهن جي لازوال قربانين مان ثمر کڻي سگهي. هن چيو ته ??چو اسان سڀ پنهنجي ??مه??ري ادارن جي حمايت ۽ استحڪام جاري رکڻ جو وچن ڪريون. اسان گڏجي مستقبل جي نسلن جي لاءِ هڪ مضبوط، وڌي?? خوشحال ۽ ??مه??ري پاڪستان ٺاهينداسين.