اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چ??ن وچ ۾ گهرو تعلق دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان ۽ چ??ن جي دوستي جون پاڙون عوام جي دلين ۾ آهن جن جو بنياد امن ۽ تعاون سان گڏوگڏ ٻطرفي گڏيل لاڳاپن تي ٻڌل آهي. چين جي سرڪاري ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن پاڪستاني عوام ۽ حڪومت طرفان نئين چيني سال تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن سمورن اهم معاملن تي هڪٻئي جي مفادن جو احترام ڪندي ان ??ي تحفظ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. مسلسل بدلجندڙ دنيا ۾ چين پاڪ لاڳاپا مستحڪم آهن، امن ۽ تعاون جو جذبو ٻطرفي مضبوط لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿو، ٻئي ملڪ هڪٻئي جي ڪوششن جي حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته آءِ ٽي، زراعت، گاڏين جي تياري سميت ٻين شعبن ?? تعاون وڌايو پيو وڃ??. چين هٿرادو ذهانت سميت ٻين شعبن ?? سڀني کان ??ڳيان ??هي. هن چيو ته اسان ??حران ??ي وقت هڪٻئي سان گڏ بيٺل هوندا آهيون، دنيا جي مختلف علائقن ۾ تڪرار موجود آهن ۽ ڪيترائي اولهه جا ملڪ اڀرندڙ معيشتن جي ترقي کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪوشان ??هن. هن چيو ته نئون ورلڊ آرڊر پوري دنيا لاءِ لاڀائتو هجڻ گهرجي جتي سمورن ماڻهن کي ترقي ۽ واپار جاري رکڻ جي اجازت هجي. عالمي سرحدن صرف فاتح حڪمراني جي بنياد تي نه پر حقيقتن جي بنياد تي هجڻ گهرجن. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۽ چ??ن امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهن، بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو (بي آر آئي) عوامي ترقي جو منصوبو آهي جنهن سان هڪ مستحڪم ۽ صحتمند معيشت ميسر ايندي. هي منصوبو دنيا لاءِ تعاون ۽ گڏيل ترقي جو منصوبو آهي جتي شين ۽ عوام جي چرپر آسان هوندي، انهن قدمن سان ??المي واپار ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي ??يڪ جي مدد سان پاڪستان ۾ انفرااسٽرڪچر، انساني وسيلا، توانائي ۽ صنعتي شعبي جي بهتري ۾ مدد ملندي آهي. هن چيو ته سي ??يڪ هڪ اعليٰ معيار جي ترقي جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جتي انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ گاڏين جي تياري جي شعبي ۾ تعاون وڌايو پيو وڃ??، هن چيو ته چين جي زراعت جي في يونٽ پيداوار دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ آهي، اسان ??ي چين سان ??رعي تعاون جا شاندار نتيجا سامهون ايندا.هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ سپر ڪمپيوٽر سميت ٻين شعبن ?? چين تمام اڳيان ??هي ۽ پاڪستان ??ن جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو. هن چيو ته هو پاڪستان ??ي عوام ۽ حڪومت طرفان چيني عوام ۽ حڪومت کي نئين چيني سال تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو.