اسلام آباد-15 نومبر(اي پي پي) ناڻي، محصولات ۽ ا??تصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ ر??استي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس من??قد ٿيو، اجلاس ۾ ڪميٽي جي سمورن ميمبرن سان گڏ ايس اي سي پي جو چيئرمين، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي گذريل گڏجاڻي جي هدايتن موجب رياستي ملڪيتي انٽر پرائيزز(ملڪيت ۽ ا??تظام) پاليسي 2023??، ڪميٽي جي ميمبرن کان مليل تاثرن کي شامل ڪرڻ بعد جائزي لاءِ ٻيهر ڪميٽي وٽ جمع ڪرائي. ڪميٽي جي مسودي ۾ شامل تبديلين جو جائزو ورتو ۽ ڪابينا جي منظوري لاءِ نظرثاني ٿيل پاليسي جي سفارش ڪئي. هي پاليسي رياستي ملڪيت واري ڪاروباري ادارن (گورننس اينڊ آپريشنز) ايڪٽ 2023?? ۾ بيان ڪيل وسيع تر مقصدن موجب رياستي ملڪيت وارن ادارن جي حڪمراني ۽ آپريشنز کي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم جي نشاندهي ڪري ٿي.