ڪراچي – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون ک??لي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن حسن سيد جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چي?? ته انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ جدت کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چي?? ته غيرروايتي طريقن سان صنعتي عمل ۾ موجود مسئلا حل ڪري فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي اسان کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ صحيح رخ ۾ ت??زي سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر نيشنل آئيڊياز بئنڪ تي زور ڏنو ته اها صنعتي ?? ٻين ڌرين سان تعاون وڌائي. هن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ٻئي مقابلي جي ڪامياب انعقاد تي وفد کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجي ذريعي مق??مي مسئلا حل ڪرڻ تي نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ميمبرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.