اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل (سياسي) ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي نمائندو يوسف الدوبي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گ??ريل ڏينهن هن پ??ڏي??ي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي سان ملاقات ڪئي ۽ ايڊيشنل پ??ڏي??ي سيڪريٽري (گڏيل قومون) جي سفير سيد حيدر شاهه سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سين??ٽ جي پ??ڏي??ي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪمي??ي سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته خصوصي نمائندو يوسف الدوبي اڄ پاڪستان جي نگران وزيراعظم ۽ نگران پ??ڏي??ي وزير سان ملاقات ڪندو، هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪ??دو. هن چيو ته هي دورو مارچ 2022ع جي ايڪشن پلان موجب آهي جيڪو او آءِ سي رابطا گروپ ڄمون ۽ ڪشمير تي اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي کي زميني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ خطي جي سالياني دورن جو اهتمام ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو ويو هو ته جيئن هو پ??ڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل کي پنهنجي مشاهدن جي رپورٽ پيش ڪري.