اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون آزاداڻيون، منصفانيون، شفاف ۽ جامع ٿيڻ گهرجن، ملڪ ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي قيادت کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جا هڪ جهڙا ??وق??ا فراهم ڪيا وڃن، جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي پسند جا ليڊر چونڊ نه ڪري سگهي ته جمهوريت بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد علي دراني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته معيشت سميت سمورن ممڪن محاذن تي مشڪلاتن جو مقابلو ??رڻ جي لاءِ ملڪ ۾ سياسي، اداراجا??ي ۽ ٻين ڌرين جي اتحاد جي سخت ض??ور?? آهي. هن چيو ته تلخيون ختم ٿيڻ گه??جن ۽ تعاون ۽ درگزر جو رستو نڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مشڪل فيصلن جي لاءِ عوام جي حمايت ۽ انهن جي حصيداري گهربل هوندي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ عام چونڊون اسان جي ملڪ جي نئين سر تعمير جي لاءِ ضروري تحريڪ پيدا ڪرڻ جو هڪ سٺو ??وق??و آهي. صدر سمورن سياسي اڳواڻن پاران ڏنل بيانن کي پڻ ساراهيو ته هڪ برابري جو ميدان هجڻ گهرجي ڇو ته شموليت جو هي اهم ۽ واحد معاملو جمهوريت جي روح آهي.