اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏي?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل هدفن جون راهون ڳولڻ پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي، اسان کي يقين آهي ته اسان جا گڏيل لاڳاپا بدلجندڙ گهرجن موجب شاندار مستقبل طرف وڌندا رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل روس جي سفير دانيلا گينيچ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ روس جي ??طل??عات ??ار?? وزير جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ??طل??عات ??ار?? نگران وفاقي وزير چيو ته روس جي ??طل??عات ??ار?? وزير کي پاڪستان جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني ويندي. ملاقات ۾ روس جي ??طل??عات ??ار?? وزير جي دوري جي موقعي تي اي پي پي ۽ طاس نيوز ايجنسي، پي ٽي وي ۽ روسي ٽيليويزن ۽ روسي ري??يو ۽ ري??يو پاڪستان جي وچ ۾ ممڪن معاهدن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي رابطن، سلامتي، معيشت، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ??طل??عات ??ار?? نگران وفاقي وزير پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏي?? جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان روس سان ميڊيا، ڊرامي، فلمز جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏي?? چاهي ٿو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ تقريب منعقد ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل رابطن جو سلسلو ڊگهي عرصي تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل هدفن جون راهون ڳولڻ پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي. هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسان جا گڏيل لاڳاپا بدلجندڙ گهرجن موجب شاندار مستقبل طرف وڌندا رهندا. ان موقعي تي روس جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. روس پاڪستان سان ميڊيا سميت زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. روس ۾ پاڪستاني ڊرامن کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي.