گڏيل قومون – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي برادري تي ز??ر ڏنو آهي اها ايس ڊي جيز سمٽ ۽ خاص طور تي ايس ڊي جيز جي حوالي سان ڪيل سمورن واعدن تي عملدرآمد ڪري. ”ترقي جي لاءِ مالي مدد?? بابت اعليٰ سطحي مڪالمي دوران نگران وزيراعظم چيو ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ وڏي مالياتي فرق ??ي ڏسندي انهن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ??رڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي ز??ر ڏنو ته گڏيل قومن جي نظام کي اسرندڙ ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ سيڙپڪاري جي امڪانن جي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا، سرمائي جي وڌيڪ لاڳت، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ايس ڊي جيز بابت بئنڪنگ منصوبا شامل آهن. هن اسرندڙ ملڪن کي ايس ڊي جيز جا منصوبا حاصل ??رڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ۾ مدد جي لاءِ گڏيل قومن جي سمورين آفيسن ۽ ايجنسين جي استعمال تي پڻ ??ور ڏنو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي به ايس ڊي جيز حاصل ??رڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن کي پنهنجي قومي منصوبن کي تيزڪرڻ جي قابل بڻائڻ تي ز??ر ڏنو.