اسلام ??باد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي تياري ۾ سمورين صحافتي تنظيمن سان مشاورت ٿي، اتفاق راءِ سان اهو بل پيش ڪيو پيو وڃي، ان ۾ 12 ترميمون آهن. سيني?? جي اجلاس ۾ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي ڳالهائيندي هن چيو ته پهرين ت??ميم هن بل جي ديباچي ۾ آهي جنهن ۾ پبلڪ سروس پيغام ??رداشت، انتهاپسندي، منشيات بابت آگاهي تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي چينل وفاقي حڪومت جي آگاهي مهم بابت رپورٽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ڪرائيندو، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي تعريف تي سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪئي وئي، ڪو فوجداري ڏوهه نه آهي، رڳو ڏنڊ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، هي هڪ تاريخي بل آهي، جيڪڏهن توهان وٽ دستاويزي ثبوت نه هجي ته ڪنهن جي خلاف خبر نه ٿي هلائي ??گه??ي، موقف وٺڻ کانسواءِ خبر هلائڻ تي سزا آهي، اڳ ۾ پيمرا چيئرمين کي چينلز جي نشريات معطل ڪرڻ ۽ لائيسنس رد ڪرڻ جو اختيار هو پر هاڻي اهو اٿارٽي کي ڏنو ويو آهي، 30 ڏينهن ۾ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ شڪايت داخل ڪرائي ??گه??ي ٿي. هن چيو ته چار مر:ن ۾ مواد جو تعين ڪيو وڃي ٿو، پرنٽ ميڊيا ۾ پگهارن جهڙن معاملن جو فيصلو آءِ ٽي اين اي ڪري ٿي، موجوده حڪومت جي دور ۾ آئي اين 8 مهينن ۾ 14 ڪروڙ ريڪور ڪري ملازمن کي ڏنا. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميديا جي صحافين وٽ اهڙو ڪو فورم نه هو، اهي صحافي هاڻي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس اٿارٽي ۾ پن??نج?? شڪايت داخل ڪرائي سگهن ٿا، قانونسازي جي ذريعي يقيني بڻايو ويو آهي ته صحافين کي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۽ انهن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي ??گه??ي. هن چيو ته اسان ميديا سينسرشپ کي منهن ڏنو آهي، ڪو اهڙو ڪم نه ٿا ڪري سگهون جنهن سان ميديا سينسرشپ لڳي، پاڪستان اظهار راءِ جي آزادي ۾ درجابندي ۾ 7 پوائنٽس بهتري آئي آهي.