اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيني صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽر ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ نائب وزيرا??ظم هي لي فينگ کي پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن تي هلال پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو. چين جي نائب وزيرا??ظم کي اعزاز ڏيڻ جي لاءِ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس هلال پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن، چين جي نائب وزيرا??ظم هي لي فينگ سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آيل وفد جي ميمبرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چيني نائب وزيرا??ظم کي هلال پاڪستان جو اعزاز ڏيڻ جي لاءِ منعقد تقريب ۾ چين جو نائب پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان ۾ چيني ناظم الامور پڻ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ ايوان صدر اچڻ تي چين جي نائب وزيرا??ظم جو انتهائي شاندار استقبال ڪ??و ويو. چين جي نائب وزيرا??ظم هي لي في??گ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آچر ڏينهن اسلام آباد پهچڻو هو.