ڪراچي-13 جون (اي پي پي) سامونڊي فوج بپر جواءِ نالي سامونڊي طوفان جي پيش نظر سن?? جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ ??مد??دي ڪارروائين تحت شاهه بندر جي آسپاس ڳوٺن مان لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد ??راهم ڪئي، جڏهن ته 64 مهاڻن کي سمنڊ مان ريسڪيو ڪيو ويو. جاري ??يل پڌرائي موجب پاڪ نيوي سامونڊي طوفان بپر جواءِ جي پيش نظر سن?? جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ بروقت مدد ??راهم ڪرڻ لاءِ پنهنجن سڀني اثاثن سان هر وقت تيار آهي. پاڪ نيوي جي دستن شاه بندر سان لاڳاپيل ڳوٺن مان لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد ??راهم ڪئي ۽ 64 مهاڻن کي سمنڊ کان ريسڪيو ڪيو. بدلجندڙ صورتحال ۽ هر وقت ??مد??دي ڪارروائين جي نگراني لاءِ هيڊڪوارٽر ڪمانڊر ڪراچي ۾ سائيڪلون مانيٽرنگ سيل قائم ڪري ??ڏيو. پاڪ نيوي جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر جي جاري ??يل هدايتن موجب سڀني اسٽيڪ هولڊرز خاص ڪري مهاڻن کي اونهي ۽ کليل سمنڊ ۾ نه وڃڻ جو چيو پيو وڃي. پاڪ نيوي جي ايمرجنسي رسپانس ۽ طبي ٽيمون بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۽ حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ سانگهڙ سميت سن?? جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ فوري ??مد??د فراهم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. پاڪ نيوي جا جهاز کليل سمنڊ ۾ گشت دوران سامونڊن ۾ ڦاٿل ٻيڙين کي مدد ??راهم ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. ڪراچي ۾ پاڪ نيوي جي اسپتالن ۾ به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. سامونڊي طوفان بپر جواءِ کان عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ پاڪ نيوي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ۽ مقامي حڪومتن سان لڳاتار رابطي ۾ آهي ته جئين ضرورت جي پيش نظر بروقت مدد ??راهم ڪري سگهجي.