اسلام اباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته هلندڙ سال معاشي ترقي جو هدف 3.5 سيڪڙو رکيو ويو آهي. مجموعي محصول 12163 ار?? رپيا آهن جن مان 9200 ار?? رپيا ايف بي آر ۽ 2963 ار?? رپيا نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ حاصل ٿيندا. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته مجموعي فيڊر?? روينيو جو ڳاڻيٽو 14463 ار?? رپيا آهي، جنهن مان 7301 ار?? رپيا مارڪ اپ جا شامل آهن. بچاءَ لاءِ 1804 ار?? رپيا رکيا ويا آهن. پينشن جي مد ۾ 761 ار?? رپيا ۽ جاري خرچن لاءِ 714 ار?? رپيا آهن. وفاقي حڪومت جو مجموعي خسارو 7573 ار?? رپيا هوندو، خسارو 9 سيڪڙو کان گهٽجي 7 سيڪڙو جي شرح تي اچي ويو آهي. پرائمري بئلنس 380 ملين ڊالر آهي، جيڪو جي ڊي پي جو 0.4 سيڪڙو بڻج?? ٿو. مجموعي جي ڊي پي 105 ٽريلين رپيا هوندو.