اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي لاءِ 59700 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ان ۾ جاري اسڪيمن جي لاءِ 52800 ملين ۽ 28 نئ??ن اسڪيمن جي لاءِ 6900 ملين رپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي موجب جاري اسڪيمن ۾ افغانستان جي 3 هزار شاگردن جي لاءِ علامه محمد اقبال اسڪالرشپ جي لاءِ 1500 ملين رپيا، بولان يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪوئيٽا جي توسيع ۽ ترقي جي لاءِ 125 ملين رپيا، يونيورسٽي آف ڪوٽلي آزاد ڪشمير جي فيڪلٽي جي اڪيڊمڪ ۽ ريسرچ ڊيولپمينٽ جي لاءِ 300 ملين رپيا، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ جي لاءِ 250 ملين رپيا، لسٻيلا يونيورسٽي جي لاءِ 350 ملين رپيا، مين ڪئمپس باچا خان يونيورسٽي چارسده جي لاءِ 500 ملين رپيا، نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز راولپنڊي جي لاءِ 500 ملين رپيا، سنڌ مدرسته اسلام جي لاءِ 400 ملين رپيا، يونيورسٽي آف بونير سوات جي ترقي لاءِ 500 ملين رپيا، نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي نئين ڪئمپس جي قيام لاءِ 400 ملين رپيا، ڪوئيٽا ۾ نسٽ جي ڪئمپس جي لاءِ 455.370 ملين رپيا، پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز گمبٽ جي لاءِ 500 ملين رپيا، سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جي سيرت چيئر جي قيام جي لاءِ 300 ملين رپيا، زوب ۾ يونيورسٽي ڪاليج قائم ڪرڻ جي لاءِ 500 ملين رپيا، يونيورسٽي آف بلتستان اسڪردو قائم ڪرڻ جي لاءِ 400 ملين رپيا، يونيورسٽي آف سوات جي قيام جي لاءِ 326.790 ملين رپيا، يونيورسٽي تربت جي قيام جي لاءِ 300 ملين رپيا، مينگوره ۾ سوات يونيورسٽي جي وومين ڪئمپس جي قيام لاءِ 200 ملين رپيا، يونيورسٽي آف مالاڪنڊ جي بٽ خيلا ۾ عورت ڪئمپس جي قيام لاءِ 300 ملين رپيا، عالمي اسلامي يونيورسٽي سٽي سيڪٽر ايڇ ٽ??ن اسلام آباد جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 200 ملين رپيا، پاڪستاني يوينورسٽين جي فيڪلٽي ڊيولپمينٽ پروگرام جي لاءِ 500 ملين رپيا، فل برائٽ اسڪالرشپ اسپورٽس پروگرام ايڇ اي سي/ يو ايس ايڊ (فيز ٿري) جي لاءِ 1000 ملين رپيا، پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 750 ملين رپيا، ان??ني??رنگ يونيورسٽيز جي فيڪلٽي جي ايم ايس لرننگ ۽ پي ا??ڇ ڊي پروگرام جي لاءِ هيومن ريسورس جي ترقي جي لاءِ 500 ملين رپيا، ڪراچي يونيورسٽي جي فيڪلٽي جي ترقي جي پروگرام جي لاءِ 500 ملين رپيا، 5 هزار اسڪالرز جي انڊيجنس پي ا??ڇ ڊي فيلوشپ جي لاءِ 500 ملين رپيا، يونيورسٽي ان??ني??رنگ اينڊ ٽيڪنالاجي سب ڪيئمپس لاهور ۾ انوويشن سينٽر ۽ سافٽ ويئر پارڪ جي لاءِ 1000 ملين رپيا، ايم ايس، اوورسيز اسڪالرشپ ايم فل ليڊنگ ٽو پي ا??ڇ ڊي جي 3235 ملين رپيا، پي ا??ڇ ڊي اسڪالرشپ پروگرام پاڪ – يو ايس ناليج ڪوريڊر جي لاءِ 3000 ملين رپيا، نيشنل اسپورٽس سٽي نارووال جي تعمير جي لاءِ 1500 ملين رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي نئ??ن اسڪيمن ۾ ڊاڪٽر اي ڪيو خان انسٽيٽيوٽ آف ميٽرالوجي جي لاءِ 200 ملين رپيا، ملڪ جي 5 نمايان ان??ني??رنگ يونيورسٽين يو اي ٽي پشاور، ٽيڪسلا، لاهور، خضدار ۽ ا??ن اي ڊي ڪراچي جي لاءِ 1200 ملين رپيا، بلوچستان ۽ فاٽا جي شاگردن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي جي لاءِ 500 ملين رپيا، ا??ن اي ڊي ڪراچي جي لاءِ 500 ملين رپيا، راندين جي لاءِ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ 500 ملين رپيا، سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين ۾ ليب ۽ ريسرچ جي سهولتن لاءِ 200 ملين رپيا، پيپلز نرسنگ اسڪول ڄامشورو جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 300 ملين رپيا رکيا ويا آهن.