اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج پاڪستان جي هر شهري جو آئيني حق آهي پر ان کي سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري ملڪيتن خاص طور تي سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچايو آ??ي، اهو مذمت جوڳو آ??ي، ملڪ جي سڀني شه??ين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده ملڪي صورتحال تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ??ئو?? اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري سان پيدا ٿيندڙ ملڪ جي موجوده صورتحال تي شديد پريشان آهيان، انساني جانين جو زيان دل ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتا??ين بدران ٻيهر سوچڻ گهرجي ۽ سياسي حل ڳولڻ گهرجي، مون سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالتون بهتر ٿينديون، ??ئو?? ملڪ جي سڀني شه??ين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو.