اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علم ۽ جديد مهارتن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ اخلاقي قدرن ۽ همدرديءَ جي جذبن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، پ??ڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ ??وب??ٽڪس وغيره جهڙن شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ديانتداري، اخلاقيات ۽ قدر ا??تي??ر ڪندي پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور طبقن جي خدمت ۽ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪن. صدر چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ مالي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. جڏهن ته ملڪ کي تيز رفتار ترقي جي رستي تي وجهڻ جي لاءِ ديانتدار قيادت لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرائمري سطح تي داخلائن جي شرح رڳو 68 سي??ڙو آهي جڏهن ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح 98 سي??ڙو کان وڌيڪ آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.