اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جو پراڻو د??ست آهي، جنهن پاڪستا?? جي هر سٺين ۽ خراب حالتن ۾ مدد ڪئي، پاڪستان ۽ چي?? جي اسٽريٽجڪ حصيداري م??الي آهي ۽ پاڪستان ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري چي?? جي حڪومت ۽ عوام جي پاڪستان سان محبت جو واضح ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريش?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو سڀاڻي ڪراچي ۾ چي?? جي حصيداري سان تعمير ٿيل ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ سان بجلي جي م??موعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. هن چيو ته سي پيڪ تحت چين پاڪستان ۾ بجلي جي شارٽ فال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي مون سميت سڄي قوم چي?? جي حڪومت ۽ عوام جي ٿورائتي آهي. ملاقات ۾ چائنا اٽامڪ انرجي اٿارٽي (سي اي اي اي) جي وائيس چي??رم??ن ليوجنگ، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پانگ چن شوئي ۽ لاڳاپيل چيني اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، خاص معاون طارق فاطمي، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چي?? جي پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني وئي. وفد وزيراعظم کي ڪي ٿري کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو.