اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پشاور حملي کانپوءِ قوم ڏک ۾ ٻڏل آهي، اهو حملو ??اڪ??تان تي حملي کان گهٽ نه آهي، دهشتگردي اسان ج?? قومي سلامتي جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ??اڪ??تان?? قوم جي عزم کي اهڙي بزد??اڻ?? ڪار??وا??ن سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هينئر پشاور کان واپس آيو آهيان، انساني الميي جو ڪاٿو ناقابل تصور آهي، اهو ??اڪ??تان تي حملي کان گهٽ نه آهي، قوم ڏک جي احساس ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دهشتگردي اسان ج?? قومي سلامتي جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندانن جي درد کي لفظن ۾ ٻڌائي نٿو سگهجي پر آئون دلي تعزيت ۽ انتهائي اخلاص سان انهن سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ جي ان ڪڌي واقعي جي ذميوارن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي ته توهان ??اڪ??تان جي عوام جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو.