اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سوئ??ڊن ۽ هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازين ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ ??اق??ن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان و??يڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي انهن ??اق??ن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسلامو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ترجمان چيو ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ ??اق??ن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. هن چيو ته انهن ??اق??ن جو واحد مقصد مسلمان اقليتن جي خلاف تشدد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪستان سوئ??ڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خ??شن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررواين خلاف ٺوس قدم کڻن.