اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي شهزادي ۽ ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي ا??لان تي سندس ٿورا مڃي ??و. ??اڪستان ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ سعودي عرب جي امداد کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ??و. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سعودي فنڊ جي 4 رڪني وفد سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفد جي سربراهي سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان المرشد ڪري رهيو هو. وزيراعظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي ا??لان تي سعودي عرب جي عوام ۽ حڪومت جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان جا به خصوصي ٿورا مڃيا. ملاقات دوران پاڪستان ۾ سعودي عرب جي مختلف ترقياتي منصوبن جو به جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير ??حم?? اسحاق ڊار، قانون وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا.