اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 28 آڪٽوبر ??ي ڊيره اسماعيل خان ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ??يو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد اسرار ۽ نائيڪ ساجد حسين جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ??يو. هن قوم خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته وطن جي تحفظ لاءِ قرباني تي قوم پنهنجي شهيدن جي احسانمند رهندي. صدر شهيدن جي خدمتن تي سلام پيش ڪيو ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر گهرڀاتين سان همدردي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ??ميل جي دعا ڪئي.