اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزي?? پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلين سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، پاڪستان کي موسمياتي تباهڪارين سبب 32 ارب ڊالرن جو نق??ان ٿيو، ڪيترائي ضلعا ٻوڏ سبب مڪمل تباهه ٿي ويا، تيزي سان ٿيندڙ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان شديد متاثر ملڪ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن واٽر ويڪ 2022ع ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان ماحولياتي تباهڪارين کي منهن ڏئي رهيو آهي، گليشئر ??اٽي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ ۽ هيٽ وويو کي به منهن ڏئي رهيو آهي، هي سڀئي تبديليون پاڪستان کي شديد متاثر ڪري رهيون آهن. هن چي?? ته موسمياتي تبديلين سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، پاڪستان کي ماحولياتي تباهڪارين سبب 32 ارب ڊالرن جو نق??ان ٿيو. ڪيترائي ضلع ٻوڏ سبب مڪمل تباهه ٿي ويا. هن چي?? ته تيزي سان ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين سبب پاڪستان شديد متاثر ملڪ آهي، موسمياتي تبديلين سبب پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سانوڻي ۾ موسمياتي تبديلين سبب گرمي پد ۾ شدت آئي. هن چي?? ته ٻوڏ سبب هڪ ملين کان چوپايو مال مري ويو، زرعي تباهي جو منهن ڏسڻو پيو جنهن سبب فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو ٿيو، ڪلائميٽ سمارٽ اگريڪلچر جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ د??يا جو وسيع ترين ايريگيشن سسٽم آهي، زرعي پيداوار جو دارومدار پاڻي تي آهي، پاڻي، فوڊ ۽ ايڪوسسٽم لاءِ پاڪستان حڪومت نيشنل واٽر پاليسي جي منظوري ڏني، واٽر ريسورسز سيڪٽر لاءِ اسان پي ايس ڊي پي جو 12 سيڪڙو رکيو. هن چي?? ته 2 ميگا ڊيم ديا مير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. نون ڊيمن جي سٽوريج گنجائش بهتر هوندي ۽ جيڪا پاڻي جي کوٽ ٿي آهي اها پهرين واري سطح تي اچي ويندي، انرجي سيڪيورٽي لاءِ حڪومت ماحول دوست هائيڊرو پاور منصوبا لڳائي رهي آهي. هن چي?? ته ملڪ ۾ انويسٽر فرينڊلي پاليسيون پروموٽ ڪيون پيون وڃن. واٽر ڪنزرويشن لاءِ بلوچستان ۾ 100 ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن، بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب انهن ننڍن ڊيمن کي نق??ان پهتو آهي.