اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيلن جي مدد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيندي چيو ??هي ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران امداد جي فراهمي کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي، ٻوڏ سان معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو ??هي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ??رورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي ??فير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چي?? ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪ سعودي لاڳاپا گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. هن چي?? ته ٻئي ملڪ قيادت ۾ تبديلين کان هٽي ڪري مشڪل حالتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها سياسي لاڳاپا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته موجوده واپاري ڪاٿو ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي گهرائي جي مڪمل عڪاسي نه ٿو ڪري، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ??رورت آهي. هن چي?? ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي. صدر ٻوڏ متاثرين کي امداد پهچائڻ جي لاءِ فضائي پل فراهم ڪرڻ ۾ سعودي عرب جي مدد کي پڻ ساراهيو. هن چي?? ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پوري پاڪستان ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو، ٻوڏ ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 10 لک کان وڌيڪ چوپائي مال جو نقصان ٿيو، ٻوڏ سان معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو ??هي. صدر اسلامي تعاون تنظيم ۾ فلسطين، ڪشمير ۽ افغانستان سان لاڳاپيل معاملا اجاگر ڪرڻ تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??لاف ورزين تي پڻ روشني وڌي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرائڻ، گڏيل قومن جي قراردادن موجب مسئلي جي پرامن حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.