اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير ??ي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ ??ي سهڪار جي منظوري ڏيندي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مرڪزي ۽ اولهه ايشيا جي ڊائريڪٽر جن??ل يوجين زوڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بينڪ اڳ ۾ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالر جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالر جو پيڪيج پڻ ڏنو پيو وڃي جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ معاشي طور ??ي ڪمزور ??بقن تي خوراڪ جي وڌن??ڙ قيمتن ۽ ٻين ڏکيائين جي اثرن کي گهٽائڻ ل??ءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪاروائي ڪري رهي آهي.