ڪراچي – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فض??ئيه طرفان خيبرپختونخوا، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد، ريليف ۽ بحالي جون سرگرميون ڀرپور طريقي سان جاري آهن. پاڪ فض??ئيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ فض??ئيه پنهنجن ميڊيڪل ڪيمپن ۽ موبائل ميڊيڪل ٽيمن ذريعي ٻوڏ متاثرن کي ضروري خطي امداد فراهم ڪري رهي آهي. پاڪ فض??ئيه جون ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس پڻ ٻوڏ متاثرن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي سڃاڻپ ۾ سرگرم آهن. پاڪ فض??ئيه جي اهل??ار?? ٽرانسپورٽ فليٽ، هيليڪاپٽرن ۽ ٻيڙين ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل مقامي ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو. پاڪ فض??ئيه جي اهل??ار?? ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن ۾ خشڪ راشن، پچيل کاڌو، پائڻ جو صاف پاڻي ۽ عام واهپي جو?? ٻيون شيون ??ره??يون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فض??ئيه ضرورت مند خاندانن ۾ 18 هزار 20 پچيل کاڌي جا پيڪيٽ، 340 پاڻي جون بوتلون ۽ 560 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ??ره??يا. وڌيڪ اهو ته مفت خوراڪ ۽ رهائشي جي فراهمي کان علاوه پاڪ فض??ئيه جون ميديڪل ٽيمون 878 مريضن جو مفت طبي معائنو پڻ ڪيو.