اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ڪوئيٽا سبي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئ?? وئي جنهن کانپوءِ ڪوئيٽا کي 300 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب 220 ڪي وي ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن به بحال ڪئ?? وئي آهي جنهن کانپوءِ علائقي جي 132 ڪي وي جي 19 گ??ڊز ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو آهي. قومي شاهراهه اين – 65 (سکر – ڪوئيٽا) کي پڻ هيوي ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو آهي جنهن سان نصيرآباد ڊويزن ۽ ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ ۾ آساني ٿيندي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جي ڪمن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئ?? پئي وڃي.