اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ??ڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ جيڪا پهرين ڏينهن کان جاري آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم متاثرن سان گڏ بيٺل آهي، ٻوڏ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، خاص طور تي پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن سندس صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪو آرڊينيشن سينٽر جي اجلاس م ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻوڏ بابت امدادي سرگرم??ن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ صوب??ئي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ سروي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي صوب??ئي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ??ڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ آهي. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد سروي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو. وفاقي وزير صحت واري وزارت ۽ صوب??ئي حڪومتن جي اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته ??هي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد ۾ تيزي آڻين ۽ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ آءِ ا??ن جي او?? ۽ ا??ن جي او?? کي شامل ڪن ته ??يئن و?? کان و?? ماڻهن کي فائدو پهچ??ئي سگهجي.