اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪمانستان مان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني امداد جي پهرين اڏ??م سومر جي صبح جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي لٿي جنهن ۾ دوائون ۽ طبي اوزارن سميت انتهائي ضروري امدادي سامان شامل هو. پرڏيهي آفيس موجب امدادي اڏ??م ??و استقبال پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير، سنڌ جي وڏي وزير جي ريليف ۽ بحالي واري صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، ناڻي واري وزارت، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ڪيو. پاڪست??ن ترڪمانستان پاران ٻوڏ سٽيلن ??ي لاءِ امداد جي آجيان ڪندي ترڪمانستان جا ٿورا مڃيا.