اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جون بلوچستان جي ٻوڏ ??تاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطاب?? ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو طرفان ٻوڏ ??تاثر علائقن ۾ هر ممڪن مدد پهچائڻ جي هدايتن جي روشني ۾ پاڪ فضائيه جون بلوچستان جي ٻوڏ ??تاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پاڪ فضائيه انهن سمورن ضرورتمند ڪٽنبن تائين عام واهپي جون شيون پهچائي رهي آهي جن جا گهر ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن. ترجمان مطابق پاڪ فضائيه طرفان 41 خيما ۽ 12000 ڪلوگرام بنيادي اهم واهپي واريون شيون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون متاثر ڪٽنبن ۾ ورهايون آهن. پاڪ فضائيه جي پيراميڊڪل ٽ??م 410 مريضن جو مفت ط??ي معائنو به ڪيو آهي.