لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پاڪستان جي 75 ??ين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي د??ي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ??کين شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، پاڪستان جي شهيدن جي بي مثال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هي ڏينهن ڌرتي جي ان??ن سمورن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو آهي، جن ملڪ جي سرحدن جو دفاع ۽ حفاظت ڪندي جانيون قربان ڪيون. وڏي وزير آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزاد وطن جو حصول قائداعظم جي ڏينهن رات جي محنت ۽ علامه اقبال جي خواب جي تڪميل آهي، آزادي جي ڏهاڙي تي ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين سان ??ڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته آزادي جي نعمت جي تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ گڏيل تعاون ۽ خيرسگالي کي فروغ ڏيڻو پوندو، اڄ اسان اهو وچن ورجايون ٿا ته اسان ثابت قدم رهنداسين ۽ قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي مشعل کي پڪڙيندي هر چئلينج کي قبول ڪنداسين.