چنيوٽ – 12 – آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر چيو آهي ته جشن آزاد?? ڊائمنڊ جوبلي ڀرپور انداز ۽ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ان سل??لي ۾ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وڃي. اها ڳالهه هن آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي حوالي سان انتظامن جي جائزي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بلال بن عبدالحفيظ، سي او ايجوڪيشن ملڪ ظفر عباس ريحان، سي او هيلٿ ڊاڪٽر ??شتاق بشير عاڪف، سي اوز ايم سيز ۽ ٻين سمورن کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ??ڌايو ته 14 آگسٽ جشن آزاد?? ڊائمنڊ جوبلي جي مرڪزي تقريبن ميونسپل ڪميٽي چنيوٽ جي سبزه زار ۾ ٿيندي جتي پرچم ڪشائي ڪئي ويندي. هن سي او ايجوڪيشن کي پڻ اسڪولن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون سيمينارز منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، ڊپٽي ڪمشنر سمورن کاتن کي هدايتڪ ئي ته سمورين سرڪاري عمارتن تي لائٽنگ ڪرائين ۽ سبز هلالي جهنڊا ۽ جهنڊيون لڳايون وڃن.