اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪست??ن راولپنڊي ۾ سوين قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ته انهن جي ذميدارن جو تعين ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، بلين ٽري سونامي جي دعوائن ۾ قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي ڪيئن ٿي حقيقتون قوم جي سامهون آڻينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلين ٽري سونامي ريڊيو پاڪ??تا?? جا وڻ کائي وئي، بلين ٽري ڪرپشن سونامي س??ن ريڊيو پاڪ??تا?? جي وڻن جي واڍي جا ثبوت برآمد ٿيا آهن، ظاهري طور لڳي ٿو ته اها سڄي ڪارروائي مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ عمل ۾ آئي، اطلاعات ??اري وزير لاڳاپيل عملدارن کان فوري طور تي ان معاملي جي رپورٽ گهري آهي، اطلاعات ??اري وفاقي وزير، اطلاعات ??اري وفاقي سيڪريٽري کي اطلا??ات ۽ نشريات بابت اسٽِينڊنگ ڪميٽي جي مڪمل ڪارروائي جا منٽس ۽ ريڊيو پاڪ??تا?? جي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب جي ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين ۽ راولپنڊي ڪنٽونمينٽ بورڊ کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، وڻن جا قسم، انهن جون عمرون ۽ انهن جي مارڪيٽ قيمت جي تعين لاءِ ماهرن جي مدد نه ورتي وئي، انب، ٽالهي، شهتوت، ريٽا ۽ شاه بلوط سميت 600 کان وڌيڪ وڻن جي واڍي سنگين معاملو آهي?? ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.