بيجنگ – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پ??ڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ??فا??تي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پ??ڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي ۽ هو ڏکڻ چين جي شهر گوانگ زو ۾ آهي جيڪو چين جي صوبي گوانگ ڊونگ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ گادي وارو شهر پڻ آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاولي جيان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ چين کي پنهنجي ??فا??تي لاڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه تي مبارڪباد پڻ ڏني. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ چين ??فا??تي لاڳاپن جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي اسان ان ڳالهه کي ورجايون ٿا ته اسان پنهنجي مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، اسٽ??يٽ??ڪ رابطن کي مضبوط ڪنداسين، ماحولياتي رابطن کي مستحڪم بڻائيندي عوام سان عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏنو ويندو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ??فا??تي لاڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به 21 مئي کان چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. 21 مئي 1951ع تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ??فا??تي لاڳاپا قائم ٿيا. پاڪستان چين کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن مان هڪ ۽ چين سان ??فا??تي لاڳاپا قائم ڪندڙ پهريون اسلامي ملڪ آهي.